ويرو ڪولھي

ويرو ڪولھي

ويرو ڪولھي

ويرو ڪولھي: سنڌ ۾ جبري پورهئي خلاف جدوجھد ڪندڙ عورت اڳواڻ ويرو ڪولهي جو جنم 1964ع ڌاري، ڳوٺ الھڏنو شاهه، تعلقي جهُڏي، ضلعي ميرپور خاص جي هڪ غريب پورهيت خاندان ۾ ٿيو. 16 سالن جي عمر ۾ سندس شادي عمر ڪوٽ جي ڳوٺ مير ڏُگهُو ۾ ھارپو ڪندڙ هڪ خاندان ۾ ٿي، جيڪو قرض سبب جبري پورهيي ۽ قيد هيٺ هو. غلاميءَ جي احساس سبب، 1998ع ۾ جبري قيد مان فرار ٿي هوءَ ماتليءَ جي مريم ڪئمپ تي پھتي، جتي سندس ملاقات انساني حقن جي اڳواڻ شڪيل پٺاڻ سان ٿي، جنھن جي معرفت ھن ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. ٻن مھينن کان پوءِ فيصلو سندس حق ۾ آيو ۽ سليمان ڀٽيءَ جي ڳوٺ مان 45 گهر ڀاتي آزاد ڪرائي بودر فارم ٿاڻي تي وٺي آئي، جتان پوءِ هو ماتلي ڪئمپ منتقل ٿيا. اُن کانپوءِ ھن پنھنجي سموري زندگي ھارين ۽ مزدورن جي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ھوءَ باندي بڻيل بٺي جي مزدورن يا ھارين جي ڪٽنبن کي، عدالت جي مدد سان آزادي ڏيارڻ واري عمل۾ لاڳيتو گڏ رھي ۽ لڳ ڀڳ چار هزار هاري ۽ بٺا مزدور آزاد ڪرايا. 2006ع ۾ گرين رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ايڪشن ايڊ جي سھڪار هيٺ هن ‘آزاد نگر’ جي نالي سان، هوسڙي (حيدرآباد) ويجهو هڪ عارضي رهائشي ڪئمپ قائم ڪري جبري قيد مان آزاد ٿيل هارين ۽ پورهيتن جي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو. ساڍن چار ايڪڙن تي مشتمل هن ڪئمپ ۾ 310 خاندانن رهائش اختيار ڪئي. غريب پورهيتن ۽ اقليتن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ تي هن تشدد ۽ جيل به برداشت ڪيو. جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾، اقليتن لاءِ جدوجھد ڪرڻ تي کيس صدارتي اوارڊ پڻ مليو. ھن 2013ع ۾ ضلعي حيدرآباد جي پي ايس 50 تي انعام ميمڻ'>شرجيل انعام ميمڻ جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ پڻ حصو ورتو. ھارين ۽ بٺا مزدورن کي آزاد ڪرائڻ تي، 2009ع ۾ آمريڪا جي اداري کيس ‘فريڊرڪ ڊوگلس فريڊم’ اوارڊ ڏنو. اسپينش ٻولي جي ليکڪا ازابيل الينڊ جي ھٿان کيس مليل انهيءَ اوارڊ ۾ 17 لک روڪ رقم به شامل ھئي. وائيس آف آمريڪا ريڊيو تي، ‘بھادر عورت’ جي عنوان سان سندس انٽرويو نشر ٿيو. آمريڪا جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سندس دعوت ڪئي. ھن آمريڪا جي جارج واشنگٽن يونيورسٽي ۾ سنڌ جي زراعت تي خاص ليڪچر ڏنو. ان کانسواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ سول سوسائٽيءَ کي خطاب ڪرڻ سميت ٻين ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. ھوءَ ورلڊ سوشل فورم ۽ نرملا ديش پانڊي جي خصوصي دعوت تي هندستان به وئي. 31 آڪٽوبر 2023ع تي ساهه جي بيماري سبب 59 سالن جي ڄمار ۾ ‘آزاد نگر ھوسڙيءَ’ (حيدرآباد) واري ھاري ڪئمپ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري رسمون، جهُڏي ويجهو پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪيون ويون


هن صفحي کي شيئر ڪريو